SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مطلق العنانيت


سياسي اصطلاحن جي لغت مان:

مطلق العنانيت

Absolutism

هن سياسي نظريي 17 صدي عيسوي ۾ شهرت ماڻي، جنهن جا مکيه مفڪر هابس ۽ بوڊين آهن. هن سياسي، نظريي مطابق حڪومت جون ذميواريون ۽ اختيار لامحدود هئڻ گهرجن. هي جائز حڪومت Legitimate Government جو ضد آهي. آمر حڪومتون هن حڪومتي سرشتي جو واضح مثال آهن، جن جا اختيار محدود ۽ ڪابه روڪ ٽوڪ نه آهي.


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مطلق العنانيت

Absolutism

ائبسوليوٽزم

هي هڪ سياسي نظريو/ حُڪومتي سرشتوآهي، جنهن ۾ حاڪم يا حڪومت جو اختيار رسمي يا قانوني حدبندين کان آجو هوندو آهي ۽ کيس لا محدود اختيار حاصل هوندا آهن. انِ سرشتي سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ جي يورپي بادشاهين جي دور ۾ اُن وقت مقبوليت حاصل ڪئي، جڏهن يورپي بادشاهن ڪليسا، قانون ساز ادارن ۽ سماجي اشرافيه کي نظرانداز ڪيو. هي نظريو جمهوري اصولن جي خلاف آهي . اُن ۾ طاقت ۽ اختيار جو سرچشمو بادشاهه يا حاڪم پاڻ هوندو آهي. ان نظريي جا مکيه سياسي مفڪر انگلينڊ جو ٿامس هابس (1588-1679) ۽ فرانسيسي فيلسوف جين بودن (1824-1898ع ) هئا. ان نظريي جي جهلڪ اڄڪلهه جي جديد سياسي وهنوارن ۾ به نظر اچي ٿي، جڏهن ڪو آمر ڪنهن ملڪ ۾ فوجي راڄ مڙهي ٿو . هيءُ نظريو جمهوري نظام جي بلڪل ابتڙ آهي


.


مطلق العنانيت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • زبردستي- مطلق العنانيت

  • Remember Me Also:

    ملا

    مُلا

    صفت. (ع). گهڻو لکندڙ، گهڻو اِملا ڪندڙ. گهڻو پڙهيل، عالم، فاضل، فقيهه، بزرگ. مسجد ۾ ٻانگ ڏيندڙ ۽ نماز پڙهائيندڙ. مڪتب ۾ پڙهائيندڙ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal